پير ڳڻيي واري ڍنڍ

پير ڳُڻيي واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو ضلعي ۾ سوڀناري واري پراڻ جو حصو آهي. هيءَ قديم ڍنڍ آهي. سوڀناري وارو درياهي وهڪرو، شهيد مخدوم بلاول رحه جي زماني ۾ باغبان کان اتر ۾ هو، پر اهو نئون وهڪرو هو. سوڀناري واري پراڻ باغبان ۽ موجوده بهاولپور جي وچان لنگهي، پير ڳڻيي شهر کان لنگهندي هئي. اها ڍنڍ ان درياهه جي پراڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو